ضياءُ خياروي

ضياءُ خياروي

ضياء خياروي

ضياءُ خياروي: مشهور شاعر پير ضياءُ خياروي ولد پير غياث الدين 22 جنوري 1937ع تي ڳوٺ درگاهه خياري تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ ڄائو. هي 1952ع ۾ نوابشاهه مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري اتي ئي پرائمري استاد مقرر ٿيو. 4 اپريل 1955ع تي سندس بدلي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ ٿي، جتي 16 سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ واپس ضلعي نوابشاهه ۾ آيو. سندس والد عربي، فارسي جو ڄاڻو هو ۽ ان جي ئي ادبي تعليم جي ڪري هن لکڻ شروع ڪيو ۽ 1958ع کان عروض تي شاعري ڪرڻ لڳو. 1959ع کان 1961ع تائين ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ۾ تربيت دوران ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. ضيا، سنڌ جي مشاعرن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندو آهي ۽ سندس ڪلام مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ’ڪشڪول سخن‘شايع ٿي چڪو آهي. هن وقت اباڻي ڳوٺ خياري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ضياء خيارويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.01.22  عيسوي

پير ضياءُ خياروي ولد پير غياث الدين 22 جنوري 1937ع تي ڳوٺ درگاهه خياري تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سميع بلوچ
عبدالله شرر
رمز علي فقير
وسيم سومرو
ڀاونداس ڀاون
اوڌوداس
زمان شاهه ساقي
پرويز سجاد حيدر
علي محمد ساغر سيوهاڻي
جوڻيجو عبدالغفور عابد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون